عبدالقادر بلوچ ۽ ثناءُ الله زهري مسلم ليگ (ن) کان علحدگي جو اعلان ڪري ڇڏيو

news

ڪوئٽا: مسلم ليگ (ن) بلوچستان جي صدر ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ ۽ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر ثناءُ الله زهري مسلم ليگ (ن) کان علحدگي جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ڪوئٽا ۾ هم خيال ساٿين سان گڏ اجلاس کي خطاب ڪندي عبدالقادر بلوچ چيو آهي ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي ڪوئٽا جلسي جي موقعي تي (ن) ليگ کان رستا جدا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. 

هن چيو ته بلوچستان مان (ن) ليگ کي 22 ميمبرن جي اڪثريت ڏيارڻ باوجود به نواب ثناءُ الله زهري کي وڏ وزارت کان محروم رکيو ويو.

هوڏانهن بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير نواب ثناءُ الله زهري به (ن) ليگ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

هن چيو ته اڄ کان نواز شريف جي جنهن حد تائين مخالفت ٿي سگهندي ڪنداسين، اڄ کان نواز شريف سان اسان جو ڪو به واسطو ناهي.

نواب ثناءُ الله زهري جو چوڻ هو ته ڏنگڻ نواز شريف جي فطرت ۾ شامل آهي ۽ نواز شريف پنهنجي محسنن کي به نه ڇڏيو، ضياءُ الحق جو پٽ به نواز شريف جي بيوفائي جا قصا ٻڌائيندو آهي.