گلگت جي عوام ثابت ڪري ڇڏيو ته موجوده حڪومت کي هاڻ گهر وڃڻو پوندو: بلاول ڀٽو زرداري

news

گلگت: (آچر 08 نومبر 2020ع)   پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت کي هاڻ گهر وڃڻو ئي پوندو.

ديامر جي علائقي تهور ۾ جلسي کي خطاب دوران بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گلگت جي عوام ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته حڪومت کي هاڻ گهر وڃڻو ئي پوندو.

حڪومت جي ڪوشش آهي ته مون کي صوبي بدر ڪيو وڃي ته جيئن آساني سان ڌانڌلي ڪري سگهجي. اپوزيشن پارٽين جي گلگت بلتستان جي چونڊ عمل کان ٻاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڌانڌلي هوندي. اسان ڪنهن کي گلگت بلتستان جي عوام جي ووٽن تي ڌاڙو هڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 15 نومبر تائين مان گلگت بلتستان جي عوام سان گڏ اهيان. حڪومت مون کي صوبي بدر ڪرڻ جي لاءِ عدالتن جو استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿي. مون کي اميد آهي ته اسان جي عدليه ڌانڌلي جي حق ۾  فيصلو نه ڏيندي.

سڀني کي ٻڌائي ٿو ڇڏيان ته مان گلگت بلتستان مان ڪيڏانهن به نه پيو وڃان.  جيڪڏهن گلگت بلتستان مان ڪڍي مون کي صوبي بدر ڪرڻو آهي ته مون کي گرفتار ڪرڻو پوندو.