ڪورونا وبا جا معاشي اثر، بينڪن خانگي شعبي کان قرض جي واپسي روڪي ڇڏي

news

اسلام آباد: ڪورونا وبا جي منفي معاشي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پاڪستاني بينڪن خانگي شعبي جي 655 ارب روپين جي قرضن جي وصولي واري معاملي کي پوئتي ڪري ڇڏيو آهي.

سرڪاري ميڊيا موجب اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي رپورٽ موجب مرڪزي بينڪ جي هدايت تي واپاري ۽ صنعتي شعبي جي بحالي ۽ ڪورونا وبا جي منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ مخلف اسڪيمز شروع ڪيون ويون هيون.

معاشي پيڪيج تحت مختلف قومي بينڪن هن وقت تائين خانگي شعبي جي 655 ارب روپين جي قرض جي وصولي جي سلسلي کي پوئتي ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته وڌيڪ 2 سئو ارب روپين جي قرضن جي ري اسٽريڪچزنگ ڪئي پئي وڃي.

اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان طرفان ڪارڪنن کي بيروزگاري کان بچائڻ  ۽ انهن جي پگهارن جي ادائيگي لاءِ روزگار اسڪيم شروع ڪئي وئي، خانگي شعبي جي ان اسڪيم مان هن وقت تائين تقريبن 3 هزار کان وڌيڪ ڪاروباري ادارن 1.6 ملين ملازمن جي پگهارن جي ادائيگي لاءِ 237 ارب روپين جي فنانسنگ جي سهولت مان فائدو ورتو آهي.

ان کان وڌيڪ اڳ کان پهريان موجود ڪاروبار ۾ توسيع ۽ نئون ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي اسڪيم تحت 203 مقتلف منصوبن لاءِ 157 ارب روپين جي قرضن جي منظوري ڏني وئي آهي.