مسوڀرڳڙي ڀرسان اسڪول ۾ يوم اقبال تقريب، شاگردن تقريرون ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا

news

مسوڀرڳڙي (رپوٽ: پانچورام) مسوڀرڳڙي ڀرسان ڳوٺ بچو ڪليري جي پرائمري اسڪول مغل فارم ۾ علامه اقبال جي ڏھاڙي جي حوالي سان شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي، اسڪول جي ھيڊ ماستر اختر حسين سمون ۽ فضل احمد نظاماڻي جي ميزباني ۾ منعقد ڪيل تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي بعد ۾ تقريب ۾ آيل مھمانن کي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا.

تقريب ۾ شاگردن علامه اقبال جي لکيل مشھور ”دعا لب آتي ھي دعا بن ڪي تمنا ميري“ پڙھي ۽ علامه اقبال  تي تقريرون ڪري خوب داد حاصل ڪيو، بعد ۾ علامه اقبال جي سالگره جي حوالي سان ڪيڪ ڪاٽيو ويو، جڏھن ته تقريب جي خاص مھمان سھيل ابراهيم پڻ  ”ٻار جو اقبال“ عنوان تحت ليڪچر ڏيندي چيو ته علامه اقبال جي شاعري مان اسان کي راھون ملن ٿيون، ھن جي شاعري اتساهه ڏيندڙ آهي خاص ڪري علامه اقبال جي شاعريءَ مان ٻار به گھڻو ڪجھ پرائي سگھن ٿا، تقريب جي آخر ۾ شاگردن علامه اقبال جي شعرن تي ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا.