”ڪراچي واقعو“ بلاول پاران آرمي چيف جي حڪم تي انڪوائري ۽ ايڪشن جي آجيان

news

گلگت: پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ڪراچي واقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي حڪم تي ٿيندڙ انڪوائري ۽ ڪارروائي کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو آهي.

گلگت بلتستان جي ضلعي استور ۾ ڳالهائيندي بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته ڪراچي واقعي تي آرمي چيف کان انڪوائري جو مطالبو ڪيو هو، خوشخبري ملي آهي ته انڪوائري مڪمل ڪري ايڪشن به کنيو ويو آهي.

بلاول ڀٽو جو چوڻ آهي ته اسان کي ان عمل جي آجيان ڪرڻ گهرجي، اهڙن عملن سان ادارن جي وقار ۾ اضافو ٿيندو آهي، جمهوري طريقو اهو ئي آهي ته جيڪا غلطي هجي ان جو اعتراف ڪيو وڃي ۽ غلط جي خلاف ايڪشن کنيو وڃي، اسان کي گڏجي ۽ جمهوري طريقي سان اڳيان وڌڻ گهرجي.