بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز ۾ ملاقات، سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

news

گلگت: پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز وچ ۾ ون آن ون ملاقات ٿي، جنهن ۾ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ذريعن موجب ملاقات دوران اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي طرفان ڪراچي واقعي بابت ڏنل بيان تي پيپلزپارٽي خدشن جو اظهار ڪيو آهي. بلاول ڀٽو گذريل ڏينهن فوجي قيادت جي قدم کي ڀليڪار ڪيو هو.

ان ڏس ۾ ذريعن موجب پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم سان ٿيندڙ ملاقات ۾ پارٽي جي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته ان بيان سان مخالفن کي تنقيد جو موقعو مليو.

جڏهن ته ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته (ن) ليگ جي طرفان نواز شريف جي موقف جي ڀرپور حمايت ڪئي وئي آهي.