بدين ڀرسان ڳوٺاڻي کي رولو ڪتي ڏاڙهڻ جو ڪيس يوسي سيڪريٽري خلاف داخل

news

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) بدين ڀرسان ڳوٺاڻي کي رولو ڪتي ڏاڙهڻ جو ڪيس يوسي سيڪريٽري خلاف داخل.

خبر موجب بدين ڀرسان ڳوٺ بلاول بجير ۾ 45 سالن جي ڳوٺاڻي محمد حسن پٽ طاهر بجير کي رولو ڪتي جي چڪ هڻي زخمي ڪرڻ جو ڪيس رورل هيلٿ سينٽر ڪڍڻ جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر شجاعت علي خواجه  جي فرياد تي يونين ڪائونسل شهيد راڻي ايٽ الهڏنو خان جمالي جي سيڪريٽري شڪارپور واسي سيد ملازم حسين شاهه پٽ عبدالجبار شاهه خلاف ڪڍڻ ٿاڻي تي قلم 289 ۽ 290 پي پي سي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

جڏهن ته ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس سيڪريٽري کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.