داد لغاري لڳ روڊ حادثي ۾ ڳوٺ قطب الدين واسي هڪ ڄڻو فوت، نينگري زخمي

news

داد لغاري (رپورٽ: اياز احمد پتافي) داد لغاري جي ڳوٺ قطب الدين جي رھواسين سان پيرڳوٺ کان واپس ايندي محمدپور ۾ روڊ حادثو پيش آيو.

روڊ حادثي سبب سورنھن ورھين جو نوجوان سراج احمد پتافي ولد شير محمد پتافي موقعي تي فوت ويو، جڏھن ته ستن سالن جي نينگري صنم پتافي پڻ سخت زخمي ٿي پئي، جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو.

جڏھن ته فوتي سراج احمد جو مڙهه ڳوٺ قطب الدين پتافي پھچڻ تي گھر ۾ قھرام مچي ويو.