گلگت بلتستان ۾ چونڊون، تياريون مڪمل، ڪنٽرول قائم

news

گلگت بلتستان: گلگت ۾ سڀاڻي کان چونڊون ٿينديون جنهن لاءِ سياسي پارٽين ۽ اتظاميا تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن.

گلگت بلتستان ۾ قانون ساز اسيمبلي جي لاءِ چونڊ مهم ختم ٿي چڪي آهي ۽ هاڻ 24 مان 23 سيٽن لاءِ چونڊون سڀاڻي ٿينديون جنهن ۾ 7 لک کان وڌيڪ رجسٽرڊ ووٽرز ۾ سوا لک کان وڌيڪ ووٽرز پهريون دفعو ووٽ وجهندا.

چيف اليڪشن ڪمشنر پولنگ جو وقت صبح 8 وڳي کان بغير ڪنهن وقفي جي شام 5 وڳي تائين مقرر ڪيو آهي.