نيوسعيد آباد تعلقي ۾ ڪتن جو آزار نه گھٽيو، وڌيڪ هڪ نينگر ڏاڙهڻ سبب زخمي

news

نيو سعيد آباد (رپورٽ: واجد ملاح) نيو سعيد آباد تعلقي ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار نه گھٽيو، ڇتن ڪتن ھڪ ھفتو اڳ ۾ شھر جي باءِ پاس ڀرسان قائم ھڪ ديني مدرسي جي 5 شاگردن کي ڏاڙھي رتورت ڪري ڇڏيو ھو.

جنهن بعد يوسي شھمير راھو جي ڳوٺ امين لاکو ۾ 8 ورھين جي معصوم نينگر راشد ولد بشير احمد حاجاڻو کي گھٽي ۾ راند ڪرڻ دوران ڇتي ڪتي حملو ڪري ڏاڙھي وڌو، جنھن کي  تعلقي اسپتال نيو سعيد آباد منتقل ڪيو ويو آھي.

ڇتن ۽ رولو ڪتن جي وارداتن سبب شھرن توڙي ٻھراڙين جا ماڻھو پريشان آھن پر خبر ھئڻ باوجود تعلقي جي يوسيز جا سيڪريٽري ۽ ٻي انتظاميا اگھور ننڊ ۾ ستل آھي، انتظاميا جي روايتي سستي سبب اڪثر والدين، ٻارڙن ۽ ٻارڙين کي اسڪولن توڙي مدرسن ۾ پڙھائي لاءِ وڃڻ کان روڪي ڇڏيو آھي، جنھن سبب سوين ٻار تعليم کان محروم ٿي رھيا آھن.