ٽنڊو غلام حيدر لڳ مختلف واقعن ۾ رولو ڪتن ٽن ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو، ڪيس داخل

news

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: ذوالفقار چانڊيو) تعلقي ٽنڊو غلام حيدر جي 3 ڳوٺن عالي جوڻيجو، غلام مرتضيٰ نظاماڻي ۽ ڳوٺ صالح ملاح ۾ رولو ڇتن ڪتن حملو ڪري 11 سالن جي غلام شاهه پٽ مرتضيٰ نظاماڻي، 30 سالن جي ڪريمڏنو ملاح ۽ 28 سالن جو شعيب جوڻيجو سميت 3 ڄڻن کي ڏاڙھي سخت  زخمي ڪري وڌو، جن کي سول اسپتال ٽنڊو غلام حيدر آندو ويو.

ٻئي طرف تعلقي ٽنڊو غلام حيدر پوليس  لاڳاپيل ڳوٺن جي يوسيز لکي ايٽ ميرواهه ۽ يونين ڪائونسل جماالدين لاشاري جي سيڪريٽريز سفي الله سومرو ۽ طارق عزيز مگسي خلاف 289، 290 ايڪٽ تحت 3 الڳ الڳ ايف آء آرز  داخل ڪئي وئي آهي.