پنوعاقل ۾ ڪلوڙ ۽ پٺاڻ برادري ۾ ھلندڙ جھيڙي جو نبيرو، ڌريون کير کنڊ

news

پنوعاقل (رپورٽ: قربان ملڪ) گهوٽڪي ۾ زمين جي مامري تان ڪلوڙ ۽ پٺاڻ برادري ۾ ھلندڙ جھيڙي جو نبيرو، فيصلي ۾ پٺاڻ برادري ڏوھي ثابت ٿيڻ تي زمين جي بدلي هڪ ڪروڙ 40 لک رپيا ڏنڊ جي فتويٰ، ڌريون کير کنڊ.

گهوٽڪي ۾ زمين جي مالڪي تان مجيب الرحمان پٺاڻ ۽ عبدالحفيظ ڪلوڙ ۾ جهيڙو هلندڙ هو، جنھن جو پنوعاقل ۾ پ پ پ اڳواڻ سليم غني ڪلوڙ جي رهائشگاهه تي فيصلو ٿي گذريو، سردار غلام مصطفي ابڙو، عبدالحڪيم گهوٽو، غلام نبي ڪورائي ۽ حاجي ممتاز بلو فيصلي جي سرپنچي ڪئي ۽ ڌرين جون ڳالھيون ٻڌيون.

فيصلي ۾ زمين عبدالحفيظ ڪلوڙ جي ثابت ٿي، جيڪا مجيب پٺاڻ حوالي ڪئي وئي، جڏھن تہ بدلي ۾ مجيب پٺاڻ مٿان هڪ ڪروڙ 40 لک رپيا ڏنڍ جي فتويٰ جاري ڪئي وئي، ٻنھي ڌرين فيصلو خوشي سان قبول ڪيو ۽ مجيب پٺاڻ واري ڌر 75 لک موقعي تي ادا ڪري ڇڏيا، جڏھن تہ بقايا رقم ڪجھ مھينن کانپوءِ ادا ڪئي ويندي.