شام جو پرڏيهي وزير وليدالمعلم لاڏاڻو ڪري ويو

news

دمشق: (سومر 16 نومبر 2020ع)  شام جو پرڏيهي وزير وليدالمعلم لاڏاڻو ڪري ويو. عرب ميڊيا شامي پرڏيهي وزير جي وفات جي تصديق ڪندي چيو آهي ته 79 ساله وليدالمعلم جي لاڏاڻي جا فوري طور تي ڪي به سبب سامهون ناهن اچي سگهيا پر هو ڪيترن ئي سالن کان دل جي تڪليف ۾ مبتلا هو جنهن سبب ان جي طبيعت خراب رهندي هئي.

وليدالمعلم شام جي نائب وزيراعظم جي عهدي تي به فائز رهي چڪو هو ۽ کيس 2006 ۾ پرڏيهي وزير مقرر ڪيو ويو جنهن کان پوءِ هو ڊگهي عرصي تائين ان وزارت تي خدمتون انجام ڏيندو رهيو آهي. وليدالمعلم کي شامي صدر بشارالاسد جي ويجهن ماڻهن ۾ شمار ڪيو ويندو هو ۽ هو شامي صدر جي پاليسين جو به وڏو حمايتي هو.

عرب ميڊيا موجب شامي حڪومت جو چوڻ آهي ته وليدالمعلم جي وفات کان پوءِ نئين پرڏيهي وزير جي نالي تي غور ڪيو پيو وڃي جنهن جي لاءِ ان جو نائب ۽ انتهائي تجربيڪار سفارتڪار فيصل ميڪداد کي پرڏيهي وزير بنائڻ جو امڪان آهي.

شامي حڪومت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وليدالمعلم محب وطن شخصيت هو ان جي تدفين دمشق ۾ ڪئي ويندي. 14 سالن تائين شام جو پرڏيهي وزير رهندڙ مرحوم وليدالمعلم اڳوڻو سفارتڪار هو ۽ هو 90 جي ڏهاڪي ۾ 9 سالن تائين آمريڪا ۾ شام جو سفير به رهيو.