ڏوڪري: ڊگري ڪاليج ۾ عيد ميلاد النبي (صه)، شاگردن ۾ تقريري مقابلو ٿيو

news

ڏوڪري(رپورٽ:عبدالجبار ميمڻ) جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وآله وسلم جي سلسلي ۾ هڪ عظيم الشان پروگرام ٿي گذريو جنهن ۾ ڪاليج جي شاگردن جي وچ ۾ تقريري مقابلو پڻ ڪرايو ويو ۽ علائقي جي مشهور نعت خوان پڻ پنهنجي شيرين زبان ۾ پنهنجو نعتون پيش ڪيون.

سيرت پاڪ تي ڪل 07 شاگردن تقريري مقابلي ۾ حصو ورتو جن ۾ عبدالقدير، سنگھار پيرزادو، شبير ابڙو، بابر علي ٻُٽ، غلام رحيم جوڻيجو، ملهار پيرزادو ۽ ريحان پيرزادو شامل هئا، تقريري مقابلي جي ججن ۾ پروفيسر سراج احمد سوهو ۽ پروفيسر گلاب سومرو هئا جن پنهنجا فرائض انجا ڏنا، پروفيسر گلاب سومري تقريري مقابلي ۾ پوزيشن ماڻيندڙ شاگردن جو اعلان ڪيو جن ۾ ڪلاس انٽر جي شاگرد ملهار پيرزادو پهرين پوزيشن حاصل ڪري داد ورتو، ٻين پوزيشن ۾ انٽر جو شاگرد شيراز علي پيرزادو ۽ ٽين پوزيشن ۾ ڪلاس يارهين جي شاگرد ريحان علي پيرزادي حاصل ڪيو، جن کي شليڊون پڻ ڏنيون ويون.

ان پروگرام کي هلائڻ لاءِ پروفيسر جوڻيجو سائين بخش قبولائي اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض سرانجام ڏنا ان کان علاوه نعت شريف پڙهندڙن ۾ نعت خوان عبادالله قادري اسدالله قادري، علي محمد ڏيرو ۽ علي احمد شامل هئا.

آخر ۾ پروفيسر حافظ محمد آريجي صاحب نبي پاڪ حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن جي سيرت پاڪ تي روشني وڌي ۽ درود پاڪ جي فضيلتن بابت پڻ آگاهہ ڪيو، هن پروگرام ۾ ڪاليج جي سپريٽنڊنٽ عاشق علي لاکير، نان ٽيچنگ اسٽاف ۽ ڪاليج جا پروفيسرس پروفيسر فياض حسين گاڏهي، پروفيسر شڪيل احمد پٽ، پروفيسر ياور حسين ٻٽ، پروفيسر منير احمد مغيري، رياض حسين قريشي، پروفيسر عبدالمجد آريجو ۽ ٻيا شامل هئا.