جيڪب آباد ۾ جماعت اسلامي عورت ونگ طرفان ناموس رسالت مارچ

news

جيڪب آباد (پ ر) 16 نومبر 2020 جماعت اسلامي جي عورت ونگ طرفان فرانس ۾ نبي ڪريم صه جي شان ۾ گستاخي وارا خاڪا شايع ڪرڻ واري عمل خلاف ناموس رسالت مارچ سنڌ جي ناظمه عطيه نثار جي اڳواڻي ۾ ٽائون هال کان ڪڍيو، ويو مارچ ۾ شريڪ عورتن توڙي نياڻين جي مٿي تي حرمت رسول تي جان به قربان آ، لااله الاالله جون پٽيون ٻڌل هيون. مارچ ۾ عورتن وڏي انگ ۾ شريڪ هيون. 

ان موقعي تي خواتين ونگ سنڌ جي ناظمه ۽ ديني اسڪالر عطيه نثار ۽ جماعت اسلامي ضلعي جيڪب آباد جي امير حاجي ديدار علي لاشاري خطاب ڪندي چيو ته الله جي ڪلمي کي سربلند نظام مصفطيٰ صه جي نفاذ ۽ حرمت رسول لاءِ ڪڏهن به پوئتي نه رهنديون، مقررن فرانس جي ملعونن کي مخاطب ٿيندي چيو ته حرمت رسول تي قربان ٿيڻ جو جذبو ڪالهه به هو اڄ به آهي، ڪو به مسلمان چاهي ڪيترو ئي گنهگار ڇو نه هجي هو پنهنجو سر ته قربان ڪري سگهي ٿو پر نبي مهربان جي شان ۾ ڪا به گستاخي برداشت نه ڪندو.