ڪراچي: اياز لطيف پليجو جي سالگرهه، محبت سنڌ بيداري مارچ تي ڪارڪنن کي آجياڻو

news

ڪراچي(رپورٽ: نبي بخش خاصخيلي) قومي عوامي تحريڪ جي سرواڻ اياز لطيف پليجو جي ٻاونجاهين سالگره ملير ۾ ملھائي وئي ۽ محبت سنڌ بيدار مارچ ۾ بھترين ڪارگردگي تي ملير جي ڪارڪنن کي آجياڻو، سنڌ جي ثقافت ٽوپيون ۽ اجرڪن جا تحفه ڏنا ويا، تفصيل موجب،

قومي عوامي تحريڪ ضلعي ملير پاران قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ نالي واري قانوندان اياز لطيف پليجو جي 52 ھين سالگراھ رزاق آباد QAT ضلعي ملير جي آفيس ۾ ملھائي وئي جنھن ۾ خصوصي شرڪت مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو ۽ ڪراچي ڊويزن صدر اشفاق چنڙ ڪئي، تقريب کي خطاب ڪندي مرڪزي جنرل سيڪريٽي مظھر راھوجو، ڪراچي ڊويزن جي صدر اشفاق چنڙ، ملير ضلعي صدر ڪاشف خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته اياز لطيف پليجو تي سنڌ فخر ڪري ٿي ڇو ته اياز لطيف پليجو سنڌ جو دلير، بي باڪ، باڪردار ۽ سچو پٽ آھي.جيڪو سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جو ڪيس ھر فورم تي وڙھي ثابت قدم رھي ثابت ڪيو آھي، هنن چيو ته اياز لطيف پليجو جھڙي شخصيت جو سنڌ ۾ جنم اسان لاء اعزاز آھي.

 سالگره تقريب ۾ محبت سنڏ بيداري مارچ ۾ شاندار ڪارڪردگي ڪندڙ پارٽي ڪارڪنن کي قومي عوامي تحريڪ ضلع ملير جي آفيس تي آجياڻو پڻ ڏنو ويو ۽ پارٽي اڳواڻن ڪارڪنن کي اجرڪن ٽوپين ۽ گُلن جا تحفا پيش ڪيا، جڏھن ته پروگرام جي آخر ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سرواڻ اياز لطيف پليجو جي جنم ڏينھن جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، ان موقعي تي علي بخش ٻرڙو، ھارون خاصخيلي، محبت خاصخيلي، اويس ڪاندڙو، شھمير اوٺو، احسان جمالي، جان محمد قريشي ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.