ٻئي ڀيري مهرباني ڪري بال سلو ڪرائجو، آفريدي جو رئوف کي پيغام

news

ڪراچي: قومي ٽيم جي اڳوڻي آل رائونڊر شاهد آفريدي حارث رئوف جي بالنگ جي تعريف ڪندي چيو ته ٻئي ڀيري مونکي سلو بال ڪرائجانءِ.

پاڪستان سپر ليگ 5 ۾ جتي لاهور قلندرز پهريون ڀيرو فائنل ۾ پهتي ته هر طرف چرچا آهن، اتي ٻئي اليمنيٽر رائونڊ ۾ لاهور قلندرز ۽ ملتان سلطانز وچ ۾ زبردست مقابلي جي آخري لمحن ۾ نوجوان بالر حارث رئوف طرفان شاهد آفريدي کي پهرئين بال تي بولڊ ڪرڻ کانپوءِ معافي گهرڻ جي انداز ۾ جشن ملهائڻ به وائرل ٿي ويو آهي.

قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي حارث رئوف جي انٽرويو جي ڪلپز کي ري ٽوئيٽ ڪيو ۽ هن جي بالنگ جي تعريف ڪندي چيو ته حارث رئوف تو نهايت شاندار بالنگ ڪئي ۽ ان يارڪر کي کيڏڻ آسان نه هو مهرباني ڪري ٻئين ڀيري مونکي سلو بال ڪرائجانءِ.

شاهد آفريدي لاهور قلندرز کي فائنل پهچڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو ته پي ايس ايل فائنل ۾ دلچسپ ميچ ڏسڻ جو انتظار ڪري رهيو آهيان، هن سلطانز جي مداحن جو به شڪريو ادا ڪيو.