نيوسعيد آباد تعلقي ۾ ڪتن تيرنهن ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو، پنجن يوسيز سيڪريٽرين تي ڪيس داخل

news

نيوسعيد آباد (رپورٽ: واجد ملاح) نيوسعيد آباد تعلقي ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن ٻارڙن سميت 13 چڻن کي ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو.

لاڳاپيل انتظاميا جي روايتي سستي ۽ ھاءِ ڪورٽ جي حڪم کي نظر انداز ڪرڻ تي ٽائون ڪاميٽي نيوسعيد آباد جي ٽائون آفيسر سميت نيوسعيد آباد تعلقي جي 5 يوسيز جي سيڪريٽرين خلاف نيوسعيد آباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.

سرڪار جي فرياد تي سب انسپيڪٽر قلندر بخش خاصخيلي جي فرياد تي نيوسعيد آباد ٽائون ڪاميٽي جي ٽائون آفيسر لياقت ڀٽي، يوسي ڀليڏنو ڪاڪا جي سيڪريٽري شفيق جمالي، يوسي فقير آباد جي سيڪريٽري عزيز جمالي، يوسي سڪندر آباد ۽ يوسي زير پير جي سيڪريٽري والي ڏنو ڏيپر ۽ يوسي پراڻي سعيد آباد جـي سيڪريٽري ذوالفقار لاشاري خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.

ڇتن ۽ رولو ڪتن پاران ڏاڙھي زخمي ڪيلن ۾ معصوم ٻارڙا، ٻارڙيون ۽ مرد شاھزيب، نغمه، ھميره، ذڪيا، عائشه، يوسف، عبدالڪريم، اسحاق ۽ ٻيا شامل آھـن.