خيبرپختونخواهه جو اڳوڻو وڏو وزير پير صابر شاهه ڪورونا وائرس جو شڪار

news

هريپور: (اڱارو 17 نومبر 2020ع) خيبرپختونخواهه جو اڳوڻو وڏو وزير پير صابر شاهه ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي.

ان بابت صابر شاهه جو چوڻ آهي ته هڪ ڏينهن اڳ ڪورونا هاڪاري آيو هو جنهن کان پوءِ پنهنجي ڳوٺ سري ڪوٽ هري پور ۾ ئي پنهنجو پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي.

واضح رهي ته  سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي فعال ڪيسن  جو انگ 29 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو آهي. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 33 ڄڻا ڪورونا وائرس وگهي حياتيون وڃائي ويٺا آهن