سونيا حسين جو کيس سري ديوي چوندڙ مداح کي دلچسپ جواب

news

ڪراچي: اداڪاره سونيا حسين پاڻ کي باليووڊ جي ليجنڊ اداڪاره سري ديوي سان تشبيهه ڏيندڙ مداح کي دلچپ جواب ڏئي ڇڏيو.

سونيا حسين سندس ڊارمي ”محبت تجهي الوداع“ جي هڪ سين ۾ نڪتل تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي آهي، ان تصوير ۾ سونيا حسين نيلي رنگ جي ساڙهي ۽ هيرن جو هار پائي انتهائي خوبصورت لڳي رهي آهي،هن جي تصوير نه صرف سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي پر مداحن کي به ڏاڍي وڻي وئي، هڪ مداح کيس باليووڊ اداڪاره سري ديوي سان ملائيندي چيو ته ”ڪهڙا حال آهن سري ديوي؟.

سونيا حسين به مزاحيه انداز ۾ مداح کي جواب ڏيندي چيو ته ” جي الحمدالله توها ڪيئن آهيو جوني ليور؟“ سونيا حسين جو اهڙو انداز ۽ تبصرو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي.