پنوعاقل لڳ اغوا ڄاڻايل گهوٽڪي واسي ڊرامائي انداز ۾ بازياب
آن لائين انڊس رپورٽر | 2 مھينا پھريان

پنوعاقل (رپورٽ: قربان ملڪ) پنوعاقل لڳ اغوا ڄاڻايل گهوٽڪي واسي ڊرامائي انداز ۾ بازياب ٿي پوليس چوڪي تي پهچي ويو، بائجي پوليس نوجوان کي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.
گهوٽڪي جي علائقي قادرپور ڪچي ٻنڍي ٿاڻي جي حد مان وارثن نوجوان عبدالرحمان چاچڙ کي 6 مهينا اڳ اغوا ڄاڻايو هو، جنھن جي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي ھئي، 6 مھينن بعد نوجوان عبدالرحمان چاچڙ گذريل رات ڊرامائي انداز ۾ ڪچي واري علائقي ۾ ڳوٺ خالد پنجابي لڳ بائجي ٿاڻي جي پوليس چوڪي تي پهتو.
بازياب ٿيل نوجوان پوليس ۽ ميڊيا کي ٻڌايو ته مون کي ڳوٺ ٻاھران 2 موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن اغوا ڪري ڪچي ۾ رکيو ھو، منھنجي منھن تي ڪپڙو ويڙھي مون کي نامعلوم ھنڌ رکيو، ڌاڙيل مون تي تشدد به ڪندا ھئا، گذريل رات زنجيرن جو تالو ٽوڙي ڀڄي چوڪي تي پهتس.
ھوڏانھن بائجي پوليس موجب معاملو مائٽن سان جهيڙو لڳي پيو، نوجوان پاڻ کي اغوا ڄاڻايو آھي، ڪچي ٻنڍي ٿاڻي تي به رابطو ڪيو آھي، جتي سندس اغوا جي ڪابه ايف آءِ آر داخل ٿيل ناهي، نوجوان کي سندس وارثن حوالي ڪيو ويو آھي.

53