مدئجي ۽ ڀرپاسي علائقن ۾ رولو ڪتن هڪ عورت ۽ معصوم ٻارڙي سميت چئن ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو

news

مدئجي (رپورٽ: ايوب بروهي) مدئجي شهر ۽ آسپاس جي علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار ناهي گهٽجي سگهيو، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب مدئجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ سمان جوڻيجا ۾ رولو ڪتي نوجوان نعيم جوڻيجو کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو.

جڏهن ته ڳاهيجا ٿاڻي جي حد يوسي ڪنڌر جي ڀٽا ڳوٺ ۾ رولو ڪتي جي ڏاڙهڻ سبب هڪ ڄڻو سيد فياض الرحمان زخمي ٿي پيو، جن کي وارثن کڻائي تعلقي اسپتال مدئجي پهچايو.

جڏهن ته يو سي ڊکڻ جي ڳوٺ قادربخش وڳڻ ۾ رولو ڪتن مسمات حفيظان ۽ سندس 5 ورهين جي ڌيءُ امينا کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، جن کي پڻ وارثن تعلقي اسپتال مدئجي آندو، جتي کين ڪتي جي چڪ کان بچاءُ واري وئڪسين ڪرڻ بعد فارغ ڪيو ويو.

هوڏانهن ان سلسلي ۾ حد جي پوليس سان رابطو ڪرڻ تي پوليس جو چوڻ هو ته ڄاڻايل علائقن جي يوسي سيڪريٽرين خلاف ڪيس داخل ڪيا ويندا، آخري اطلاعن تائين ڪوبه ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.