اڳوڻي مڙس پاران وينا ملڪ مٿان اڪائونٽ هيڪ ڪرڻ جو الزام

news

ڪراچي: اداڪاره ۽ ميزبان وينا ملڪ جي اڳوڻي مڙس اسد خٽڪ مٿس اڪائونٽ هيڪ ڪرڻ جو الزام هنيو آهي.

اسد خٽڪ هڪ ٽوئيٽ ڪيو جنهن ۾ هن لکيو ته منهنجي اڳوڻي زال زاهده بي بي عرف وينا ملڪ منهنجو انسٽاگرام اڪائونٽ هيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

وينا ملڪ جي اڳوڻي مڙس وڌيڪ لکيو ته آئون توکي هڪ ڳالهه ٻڌايان ته توکي هر شيءِ جو حساب ڏيڻو پوندو، آئون سچ سڀني جي سامهون آڻيندس، الله توکي هدايت ڏئي.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وينا ملڪ جي اڳوڻي مڙس اسد خٽڪ هن مٿان ٻنهي ٻارن کي غيرقانوني طريقي سان دبئي کان پاڪستان منتقل ڪرڻ جو الزام هڻندي 50 ڪروڙ هرجاڻي جو نوٽيس موڪليو آهي.