پي ايس ايل فائنل: ڪراچي خلاف لاهور قلندر جي بيٽنگ جاري

news

ڪراچي: پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جو ”ڊريم فائنل“ اڄ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ ٿي رهيو آهي جتي روايتي حريف لاهور قلندرز ۽ ڪراچي ڪنگز آمهون سامهون آهن.

اڄ فاتح ڪير به هجي پر پي ايس ايل کي نئون چيمپئن ملندو ڇو ته ٻئي ٽيمون پهريون ڀيرو فائنل ۾ پهتيون آهن.

لاهور ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ڪراچي خلاف ان جي بيٽنگ جاري آهي.

ٻنهي ٽيمن جي ان مقابلي ۾ سڀني جون نظرون ڄميل آهن انهن ستارن تي جيڪي ڪنهن به وقت، ڪٿي به، ڪجهه به ڪري سگهن ٿا.

لاهور قلندرز جا فخر زمان ۽ تميم اقبال بيٽون هلائن ته رنز ٺهنديون وينديون آهن ۽ محمد حفيظ جيڪڏهن وڪيٽ تي بيهي ته اسڪور بورڊ رڪجندو ناهي پر ڊوڙڻ لڳندو آهي.

بين ڊنگ ۽ ڊيوڊ ويئسا ته اڳ ئي هر هڪ مٿان ڌاڪو ڄمائي ڇڏيو آهي جڏهن ته سمت پٽيل به خوب رنز ٺاهي رهيو آهي.

بولنگ ۾ شاهين آفريدي ۽ حارث رئوف خوب تهلڪو مچائي ڇڏيو آهي سامهون جيڪو آيو ان کي ٺڪاڻي لڳائيندو دلبر، حفيظ ۽ ويئسا به هن جو خوب ساٿ نڀائي رهيا آهن.

ٻئي طرف ڪراچي ڪنگز آهي، ان ۾ به هڪ کان هڪ تارو چمڪي رهيو آهي، بابراعظم ته سڀني لاءِ خطرو آهي، ايلڪس هيلز ۽ شرجيل خان جي جارحاڻي انداز کان ڪير واقف ناهي، جڏهن ته بالنگ ۾ محمد عامر جو ته ڪو مقابلو نٿو ڪري سگهي جيڪڏهن ساڻس وقاص محمود، پارنيل ۽ عماد وسيم جو ساٿ هجي.