نئون آباد ڀرسان روڊ حادثو، هڪ ڄڻو فوت، ٻه زخمي

news

ڄام نواز علي (رپورٽ: خالد انور مگسي) نئون آباد ڀرسان ڄام نواز علي روڊ تي پئٽرول پمپ سامهون ٻن  موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي  ۾ ٺيڪيدار الهه بچايو ڪنڀر سميت 3 ڄڻا سخت زخمي پيا.

جن کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جن مان  زخمي ٺيڪيدار الهه بچايو  کي نازڪ حالت ۾ ٽنڊو آدم اسپتال  نيو ويو، جتي زخمن جا سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو، واقعي بعد گهر ۾ قهرام مچي ويو.