ميرپورماٿيلو: ڊي سي جي صدارت هيٺ اجلاس، ڪاڪردگي بهتر ڪرڻ جو حڪم

news

ميرپور ماٿيلو(رپورٽ: هادي بخش جلباڻي) ڊپٽي ڪمشنر/ايڊمنسٽريٽر ضلعي ڪائونسل گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ جي صدارت هيٺ صفائي ۽ ڪتا مار مهم جي سلسلي ۾ گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن سميت ميونسيپل توڙي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جي آفيسرن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ضلعي ۾ ڪتي ڏاڙهڻ جا 122 ڪيس رجسٽرڊ ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جي اظهار ڪندي سي ايم اوز کي هدايت ڪئي ته ڪتا مار مهم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ جوڳا قدم کڻي روزانو جي بنيادن تي رپورٽ فراهم ڪئي وڃي، ان سلسلي ۾ انگن اکرن جي هيرا ڦيري يا لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي جڏهن ته ميونسيپل ۽ ٽائون ڪاميٽيز کي ضلعي ڪائونسل پاران تعاون فراهم ڪيو ويندو ته جيئن عوام جي شڪايتن جو ازالو ٿي سگهي.

گڏجاڻي دوران ڊپٽي ڪمشنر سي ايم او گهوٽڪي نادر شاهه کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته ٽوپي ڊرامو بند ڪري عملي ڪم ڪيو وڃي جڏهن ته ڪتا مار مهم تحت جعلي تصويرون نه اماڻيون وڃن، ان موقعي تي هن اسسٽنٽ ڪمشنر/ايڊمنسٽريٽر ميونسيپل ڪاميٽي ميرپور ماٿيلو کي هدايت ڪئي ته پبلڪ پارڪ ميرپور ماٿيلو کي فوري طور تي فعال ڪيو وڃي ان سلسلي ۾ صفائي سٿرائي لاء ضلعي ڪائونسل مان 10 ملازم به فراهم ڪيا ويندا ته جيئن شهرين کي تفريحي ماحول ملي سگهي. 

هن ايگزيڪيوٽو انجنيئر پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کي پڻ هدايت ڪندي چيو ته سي ايس آر فنڊ تحت ضلعي ۾ جيڪي 17 آر او پلانٽ قائم ڪيا پيا وڃن انهن جو ڪم هڪ مهيني اندر مڪمل ڪري رپورٽ فراهم ڪئي وڃي جڏهن ته پهرين قائم ٿيل آر او پلانٽس جي ٽي ڊي ايس ليول جي چڪاس ڪئي وڃي ته جيئن ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي ملي سگهي.

ان سلسلي ۾ آر او پلانٽس جي انسپيڪشن پڻ ڪئي ويندي ته جيئن صورتحال جو جائزو وٺي سگهجي، ان موقعي تي ان موقعي اسسٽنٽ ڪمشنر/ايڊمنسٽريٽر ميونسيپل ڪاميٽي ميرپور ماٿيلو شهريار خٽڪ ميرپور ماٿيلو ۾ جاري صفائي مهم تي بريفنگ ڏني جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر اعتماد جو اظهار ڪندي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي پنهنجي شهرن ۾ جاري صفائي مهم بابت تفصيلي بريفنگ ڏين.