ڪراچي ۾ سب انسپيڪٽر محمد بخش ٻرڙو جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو
آن لائين انڊس رپورٽر | 2 مھينا پھريان

ڪراچي (رپورٽ: نبي بخش خاصخيلي) ڪشمور سانحي جو مک ڪردار ادا ڪندڙ سب انسپيڪٽر محمد بخش ٻرڙو ۽ سندس فيملي کي تاريخي ڪردار نڀائڻ تي آجياڻو ڏنو ويو.
سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رئيس مينهون خان عبدالغفار ٻرڙو پاران آجياڻو ڏنو ويو، جنهن ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن وڏي انگ شرڪت ڪئي.
سياسي سماجي اڳواڻن ۾ نائب امير جماعت اسلامي مولانا اسد الله ڀٽو، نائب امير جماعت اسلامي يونس بارائي، آل ٻرڙا ويلفيئر جو چيئرمين عزيز ٻرڙو، صدر ارباب ٻرڙو، انسپيڪٽر غلام ياسين ٻرڙو ۽ رحيم بخش ٻرڙو سميت مختلف سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي نائب امير جماعت اسلامي مولانا اسد الله ڀٽو چيو ته محمد بخش ٻرڙو سنڌ پوليس جو هڪ بهادر سپاهي آهي، جنهن پنهنجي اولاد جي قرباني ڏئي هڪ تاريخ رقم ڪئي آهي، هي هڪ سنڌي پوليس آفيسر آهي، تنهن تي قوم فخر ٿي ڪري. اهڙن پوليس آفيسرن جي ملڪ کي سخت ضرورت آهي، جيڪي پنهنجي جان مال جي پرواهه نه ڪندي هڪ اهڙي شخص کي گرفتار ڪيو جنهن هڪ معصوم ٻارڙي سان قيامت برپا ڪئي هئي. اهڙن ماڻهن کي عبرتناڪ سزائون ملڻ گهرجن.
جماعت اسلامي جي اڳواڻ يونس بارائي چيو ته محمد بخش ٻرڙو قوم جو هيرو آهي ۽ هن جي عظيم قرباني ڏيڻ سان اسان جو سنڌ پوليس تي اعتبار وڌيو آهي.
آل ٻرڙا ويلفيئر جي چيئرمين عزيز ٻرڙو چيو ته محمد بخش ٻرڙو کي سلام پيش ڪجي ٿو جنهن اسان جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي، اسان ٻرڙا برادري محمد بخش ٻرڙو سان هر وقت گڏ آهيون هڪ جو نالو تاريخ جي سونهري اکرن ۾ شامل هوندو.
ان موقعي تي سڪندر ڊومڪي، سجاد ٻرڙو ۽ محمد شريف ٻرڙو سميت مختلف ماڻهن شرڪت ڪئي.

66