شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ وي سي ڊاڪٽر انيلا عطاءُ الرحمان جي صدارت هيٺ اجلاس ٿي گذريو

news

لاڙڪاڻو (پ ر) شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي جي بورڊ آف ايڊوانس اسٽڊي اينڊ ريسرچ جو اهم اجلاس وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيلا عطاءُ الرحمان جي صدارت هيٺ ٿي گذريو.

اجلاس ۾ بورڊ جي ميمبرن پروفيسر حاڪم علي ابڙو، پروفيسر صفدر علي شيخ، پروفيسر سعيد احمد شيخ، پروفيسر سيف الله ڄامڙو، پروفيسر جان محمد ميمڻ، پروفيسر امر لعل گروبخشاڻي ۽ پروفيسر ملڪ حسين جلباڻي شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان مختلف فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج جي اسسٽنٽ پروفيسر ۽ ريسرچ ڪواليفائيڊ ڊاڪٽر شاهد علي ميراڻي کي بورڊ آف ايڊوانسڊ اسٽيڊيز ۽ ريسرچ جو ميمبر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.

اجلاس ۾ پير عبدالقادر شاهه جيلاني انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس گمبٽ جي ايناٽامي شعبي جي پروفيسر محمد اسلم چنا ۽ ڊائو يونيورسٽي ڪراچي جي ايناٽامي شعبي جي پروفيسر ثمرين ميمڻ کي ايناٽامي ڪورسز ۾ ايم فل ڪرائڻ لاءِ سپروائيزر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.

اجلاس ۾  بيسڪ ميڊيڪل سائنس جي فيڪلٽي ۾ فزيالاجي، بايو ڪيمسٽري ۽ فارماڪالاجي جي شعبن ۾ ايم فل ۽ پي  ايڇ ڊي جون سيٽون مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڊائريڪٽوريٽ آف ميڊيڪل ايجوڪيشن جي تحت ئي پوسٽ گريجوئيٽ سپروائيزرن جي ٽريننگ جا ڪورسز ڪرايا ويندا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته يونيورسٽي جي تعليم جو معيار بهتر ڪرڻ لاءِ پوسٽ گريجوئيٽ امتحان شيڊول تحت ئي ورتا ويندا.

اجلاس ۾ واضح طور فيصلو ڪيو ويو ته پوسٽ گريجوئيٽ جي سلسلي ۾ جن اميدوارن لاڳاپيل کاتن يا ادارن مان ڊيپوٽيشن حاصل نه ڪئي آهي انهن کي وارننگ ۽ وضاحتي ليٽر جاري ڪيا ويندا ته جيئن جلد کان جلد لاڳاپيل کاتن کان ڊيپوٽيشن ليٽر حاصل ڪري جمع ڪرايا وڃن. ڊيپوٽيشن ليٽر جمع نه ڪرائيندڙن جي ٽريننگ رد ڪئي ويندي. اجلاس ۾ ايم ڊي نيفرالاجي ڪورسز شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ ايم ايس سي ڊائبٽيز پروگرام اينڊ اينڊوڪرنلاجي ڪورسز شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.اينڊوڪرنالاجي جون سيٽون وڌائڻ جي منظوري ڏني وئي. ڄاڻايل سيٽن جو تعداد 2 مان وڌائي 4 ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پوسٽ گريجوئيٽ امتحان جو معيار وڌائڻ لاءِ ڪنهن به انٽرنل ايگزيمنر کي اجازت نه ڏني ويندي.