مدئجي ڀرسان نينگري کي ڪتي ڏاڙھڻ جو ڪيس يوسي سيڪريٽري خلاف داخل

news

مدئجي (رپورٽ: ايوب بروهي) مدئجي ڀرسان نينگري کي ڪتي ڏاڙھڻ جو ڪيس يوسي امروٽ جي سيڪريٽري خلاف داخل. دڙو شھر ۾ 11 سالن جي نينگري زينب کي ڪتي ڏاڙھي زخمي ڪرڻ جي ايف آءِ آر ڳاھيجا ٿاڻي تي سرڪاري فرياد تي زاھد ڪيھر خلاف داخل ڪئي وئي. انتظاميا ۾ ٿرٿلو پئجي ويو.

ان سلسلي ۾ 20 ڏينهن اڳ مدئجي ڀرسان ڳاھيجا ٿاڻي جي حد دڙو شھر ۾ 11 سالن جي نينگري زينب ڌي قمرالدين جوڻيجو کي ڪتي ڏاڙھي زخمي ڪيو ھو، جنهن جو وارثن طرفان لکي غلام شاھ اسپتال مان علاج ڪرايو ويو.

اھڙي ريت نينگري جي وارثن طرفان اھڙو اطلاع ڳاھيجا پوليس کي ڏنو ويو، جنهن جو ڪيس ڳاھيجا ٿاڻي تي اي ايس آءِ شاھنواز ناريجو جي سرڪاري فرياد تي يوسي امروٽ شريف جي سيڪريٽري زاھد ڪيھر خلاف قلم نمبر 289-190-191 پي پي سي تحت داخل ڪيو ويو آهي.

ھوڏانھن اھڙي قسم جي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ بعد يوسي انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي.

ان موقعي تي نينگري زينب جي والد قمرالدين جوڻيجو صحافين کي ٻڌايو ته علائقي ۾ ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي پر يوسي انتظاميا پاران عدالت جي حڪم باوجود ڪتا مار مھم ڪو نه ھلائي وئي آهي ان سبب مجبور ٿي يوسي سيڪريٽري خلاف ڪيس ڪرايو آهي.

ان سلسلي ۾ يوسي سيڪريٽري زاھد ڪيھر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته يوسي جا فنڊ ٽن مھينن کان بند ھجڻ ڪري مھم نه ھلائي سگهيا آهيون، ھاڻي ايڊمنسٽريٽر مختيارڪار آهي، ان کي عرض رکيو آهي جنهن جلد ئي ڪتا مار مھم ھلائڻ جو آسرو ڏنو آهي.