نيوزيلينڊ ۾ حجاب کي پوليس يونيفارم جو حصو بڻايو ويو

news

نيوزيلينڊ: پوليس کاتي ۾ وڌ کان وڌ مسلم عورتن جي شموليت سبب حجاب کي پوليس جي يونيفارم جو حصو بڻايو ويو.

نيوزيلنڊن پوليس ۾ نئين ڀرتي ٿيل ڪانسٽيبل زينا علي ملڪي تاريخ جي پهرين باحجاب عورت پوليس اهلڪار آهي.

پوليس ترجمان موجب پوليس يونيفارم ۾ حجاب جي باضابطه طور تي شامل ڪرڻ جو مقصد جامع انداز ۾ خدمتن جي تشڪيل آهي.

نيوزيلينڊ پوليس موجب حجاب کي يونيفارم ۾ باضابطه طور تي شامل ڪرڻ جو فيصلو 2018 ۾ پوليس اسٽاف طرفان مليل درخواستن تي ڪيو ويو آهي.