پاڪستان ايندڙ سال به انگلينڊ جو دورو ڪندو

news

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سال هڪ دفعو ٻيهر انگلينڊ جو دورو ڪندي.

دوري جو اعلان انگلش ڪرڪيٽ بورڊ جي گڏيل اعلان ۾ ڪيو ويو جنهن تحت پاڪستان ڪرڪيٽ ٽين انگلينڊ ۾ ون ڊي سپر ليگ جي 3 ميچز کانسواءِ 3 ٽي ٽوئنٽي به کيڏندي.

هي 6 سالن دوران پاڪستان ٽيم جو ڇهون دورو هوندو، پاڪستان ٽيم 2016 کان هر سال انگلينڊ جو دورو ڪري رهي آهي.

ايندڙ سال جولاءِ ۾ انگلينڊ جي دوري دوران پاڪستان ۽ ميزبان ٽيم وچ ۾ ٽي ون ڊي ميچز 10،8 ۽ 13 جولاءِ تي ٿيندا. هي ون ڊي ميچز ون ڊي ڪارڊف، لارڊز ۽ برمنگهم ۾ ٿيندا جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي ميچز 18،16 ۽ 20 جولاءِ تي ڪوناٽنگهم، ليڊز ۽ مانچسٽر ۾ ٿيندا.