دنيا جي آخري اڇي زرافي تي جي پي ايس ٽيگ هنيو ويو

news

ڪينيا: دنيا ۾ هن وقت هڪ ئي اڇو زرافه بچيو آهي ۽ هن جي حفاظت خاطر هن تي جي پي ايس ٽيگ هنيو ويو آهي.

ڪينيا ۾ ان کان اڳ هن جي مادي ۽ ٻار هن سال مارچ ۾ ماريو ويو هو ان کانپوءِ هي دنيا جو واحد اڇو زرافه ٻار آهي، ان جي سنڱ نما اڀار تي جي پي ايس ٽيگ هر ڪلاڪ کانپوءِ هن جي پوزيشن واضح ڪري ٿو جنهن سان آفيسرن کي هن جي موجودگي واري جاءِ جو اندازو ٿي وڃي ٿو.

ڪينيا ۾ هن سال مارچ ۾ ماڻهن اڇي مادي ۽ ان جي ٻار کي ماري ڇڏيو هو، ڪينيا ۾ زرافه دشمن ماڻهو هنن کي گوشت ۽ کل لاءِ مارين ٿا، اڇي زرافه ۾ ليوسائزم نالي ڪيفيت پيدا ٿي وڃي ته هو اڇو ٿي وڃي ٿو ۽ هن جون اکيون گهريون ٿي وڃن ٿيون جن کي پري کان محسوس ڪري سگهجي ٿو.

ياد رهي ته صرف ڪجهه ئي سالن ۾ زرافن جي آبادي 40 سيڪڙو تائين گهٽ ٿي وئي آهي.