عمران خان پاران اداڪاري ڇڏي هدايتڪاري ۾ قسمت آزمائڻ جو فيصلو

news

ممبئي: باليووڊ جي مشهور اداڪار عمران خان اداڪاري ڇڏي هاڻ هدايتڪاري ۾ قسمت آزمائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

باليووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان جي ڀاڻيجي عمران خان پنهنجي فني ڪيريئر ۾ مشهور فلمون ڏنيون ۽ شوبز ۾ پنهنجي هڪ الڳ حيثيت قائم ڪئي پر هو 2015 کان وڏي اسڪرين تان غائب رهيو، سندس ويجهي دوست تصديق ڪئي آهي ته عامر خان اداڪاري ڇڏي چڪو آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب اداڪار عمران خان جي دوست چيو ته باليووڊ ۾ منهنجو سڀ کان بهترين دوست عمران آهي جنهن اداڪاري کي مڪمل طور ڇڏي ڏنو آهي پر هو اڄ به سٺو ليکڪ ۽ هدايتڪار آهي.

هن اهو به اعلان ڪيو ته هڪ دوست جي حيثيت ۾ آئون اهو ٻڌائي سگهان ٿو ته هو جلد ئي ڪنهن فلم جي هدايتڪاري ڪندي نظر ايندو.