ساره خان به ٽڪ ٽاڪ ۾ انٽري ڏئي ڇڏي

news

ڪراچي: اداڪاره ساره خان مشهور ترين شيئرنگ ايپ ٽڪ ٽاڪ کي جوائن ڪري ورتو آهي.

ساره خان ٽڪ ٽاڪ جوائن ڪرڻ جي خبر انسٽاگرام تي ڏني، هن هڪ مختصر وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ ٻه ميڪ اپ مين هن جو ميڪ اپ ڪري رهيا آهن ۽ وڊيو سان ساره ڪيپشن لکيو”آئون به هاڻ ٽڪ ٽاڪ تي آهيان.“

ساره طرفان اهڙي خبر شيئر ڪرڻ کانپوءِ جتي هن جا مداح حيران ٿيا اتي سندس ننڍي ڀيڻ نور ظفر خان به حيران ٿيندي ڪمينٽ ۾ لکيو”ڇا...؟“

نومي خان نالي شخص ساره خان ٽڪ ٽاڪ جوائن ڪرڻ تي پڇيو ساره جي هي ڪيئن ٿي ويو؟

پنهنجي مداح کي جواب ڏيندي ساره خان جواب ڏنو”اچانڪ پيار ٿي ويو.“