بالي ووڊ خانز جي پهريون ڀيرو فلم ۾ گڏ انٽري

news

ممبئي: بالي ووڊ جا ٽئي وڏا خانز فلم ”لال سنگهه چڍها“ ۾ پهريون ڀيرو وڏي پردي تي گڏ نظر ايندا.

ڀارتي ميڊيا موجب بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ هنن ڏينهن ۾ بالي ووڊ جي آسڪر ايوارڊ يافته فلم”فارسٽ گمب“ کان متاثر ٿي فلم”لال سنگهه چڍها“ ٺاهي رهيو آهي ۽ هو سندس پوئين فلم ”ٺگ آف هندوستان“ جا ناڪامي کانپوءِ ڪنهن قسم جو رسڪ نٿو کڻڻ چاهي ۽ ان فلم کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ڪرڻ چاهي ٿو جنهن لاءِ هن فلم ۾ پنهنجي دوستن يعني سلمان خان ۽ شاهه رخ خان جي انٽري جو پلان ٺاهيو آهي.

ياد رهي ته ايندڙ ڪرسمس تي رليز ٿيندڙ فلم جي هدايت ڪاري ادويت چندن ڏئي رهيو آهي جيڪو پهريان ئي عامر خان سان سيڪرٽ سپر اسٽار ٺاهي چڪو آهي جڏهن ته ڪرينا ڪپور عامر خان جي هيروئن ٿيندي.