جارجيا ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ۾ به جوبائيڊن ڪامياب

news

واشنگٽن: صدر ڊونلڊٽرمپ جي مطالبي تي جارجيا ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ۾ به ڊيموڪريٽڪ اميدوار جوبائيڊن ري پبلڪن کي شڪست ڏني.

آمريڪي ميڊيا موجب ڊونلڊٽرمپ جي مطالبي تي جارجيا جي ووٽن جي هٿ سان ٻيهر ڳڻپ ڪئي وئي جنهن ۾ جوبائيڊن ئي ڪامياب ٿيو.

جارجيا ۾ ڪاميابي کانپوءِ جوبائيڊن کي 16 اليڪٽرول ووٽ مليا ۽ هن جي الڪيٽرول ووٽن جو انگ 306 ٿي ويو آهي جڏهن ته ٽرمپ جي اليڪٽرول ووٽن جو انگ 232 آهي.