سعودي عرب جي ميزباني هيٺ جي ٽوئنٽي ملڪن جو سربراهي اجلاس اڄ رياض ۾ ٿيندو

news

رياض: (ڇنڇر 21 نومبر 2020ع) سعودي عرب جي ميزباني هيٺ جي ٽوئنٽي ملڪن جو سربراهي  اجلاس اڄ رياض ۾ ٿي رهيو آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب سعودي عرب ۾ 2 ڏينهن وارو جي ٽوئنٽي ورچوئل سربراهي ڪانفرنس 21 نومبر کان شروع ٿي رهي آهي ۽ اها هن گروپ جي پندرهين ساليانه ڪانفرنس آهي. شاهه سلمان بن عبدالعزيز ڪانفرنس جي صدارت ڪندو. ڪورونا وبا سبب هي ڪانفرنس انتهائي اهم آهي. جنهن ۾ عالمي معيشت کي متاثر ڪندڙ مسئلن تي بحث ڪئي ويندي.

جي ٽوئنٽي اجلاس ۾ عالمي تنظيمون ۽ ادارن جون اختياريون به شرڪت ڪنديون. جڏهن ته اجلاس ۾ عالمي خوراڪ ۽ زراعت جي اداري جي سربراهن کان علاوه ٻيا اڳواڻ به شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ گڏيل قومون، عالمي بينڪ گروپ ۽ عالمي واپار واري تنظيم کان علاوه ٻيون اختياريون به شرڪت ڪنديون.

اجلاس ۾ عرب مالياتي فنڊ، اسلامي ترقياتي بينڪ، آفريقي يونين ۽ جي سي سي اختياريون به شرڪت ڪنديون. اجلاس ۾ گڏيل قومون، عالمي بينڪ گروپ ۽ عالمي واپار واري تنظيم کان علاوه ٻين ادارن جون اختياريون به شرڪت ڪنديون. اجلاس ۾ عرب مالياتي فند، اسلامي ترقياتي بينڪ،  آفريقي يونين ۽ جي سي سي اختياريون به شرڪت ڪنديون.

جي ٽوئنٽي جي ناڻي واري وزارت هلندڙ سال دوران پنهنجي اجلاسن ۾ غريب ملڪن تي ڪورونا وبا جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي نوعيت جو پهريون لائحه عمل طئي ڪيو هو.