فيشن جي جديد دور ۾ ارڙهين صدي جا ڪپڙا استعمال ڪندڙ يوڪرين جي عورت

news

لاهور: (ڇنڇر 21 نومبر 2020ع)  عورتون هر دور جي حساب سان فيشن ڪنديون آهن  جڏهن ته هو ڪنهن خاص موقعي يا تقريب جي حوالي سان پراڻن طريقن وارا ڪپڙا پائي به محفوظ ٿينديون آهن. پر اڄ اسان اوهان کي هڪ اهڙي ڇوڪريءَ جي باري ۾ ٻڌائينداسين جيڪا اڄوڪي دور ۾ روزاني 18هين ۽ 19هين صدي جي فيشن کي اپنائيندي آهي.

يوڪرين جي عورت گذريل ڪجهه سالن کان 18هين صدي کان اڳ جو فيشن فالو ڪندي پراڻي طريقي جو ئي لباس اوڍيندي آهي.

ميلاپووروزنيڪ نالي عورت جو چوڻ آهي ته منهنجي الماري ۾ صرف ونٽيج ۽ پراڻا ڪپڙا ئي موجود آهن ۽ هي ڪپڙا تمام گهڻو پرسڪون هوندا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته عورتن کي خوبصورت ۽ صحتمند هجڻ گهرجي. ضروري ناهي ته هو منهن تي ميڪ اپ جو ڍڳ هڻن هو صرف لپ اسٽڪ لڳائي به  خوبصورت نظر اچي سگهن ٿيون.