منال خان ۽ احسن محسن خان جي نئين تصوير تي مداحن جا دلچسپ جملا

news

لاهور: (ڇنڇر 21 نومبر 2020ع) اداڪاره ۽ ماڊل منال خان ۽ اداڪار احسن محسن جي نئين تصوير تي مداحن جي دلچسپ جملن جي ڏي وٺ جو سلسلو جاري آهي.

گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان اداڪاره ۽ ماڊل منال خان ۽ اداڪار احسن محسن وچ ۾ گهري دوستي جا چرچا عروج تي آهن پر ان بابت ڪڏهن به منال خان يا احسن  محسن خان ڪجهه به ناهي ڳالهايو. پر ان جي ڪجهه تصويرن سان گڏوگڏ وڊيو مداحن جي لاءِ ڪيترائي سوال  ڇڏي وينديون آهن.

هن ڀيري به منال خان احسن محسن سان گڏ اهڙي تصوير شيئر ڪئي جنهن تي مداح اهوئي اندازو لڳائي رهيا آهن ته ٻنهي جي وچ ۾ دوستي کان اڳتي به ڪجهه وڌيڪ آهي. اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو ته حقيقت ڇا آهي. بس ايترو ئي نه پر منال خان طرفان شيئر ڪيل تصوير احسن محسن طرفان به شيئر ڪئي وئي آهي جنهن سان گڏ هن لکيو آهي ته ”هيپي برٿ ڊي ٽو مائي فيوريٽ” 

واضح رهي ته پنهنجي سالگره تي به پنهنجي گهر ڀاتين سميت احسن محسن سان گڏ ملهائي هئي. اداڪاره اڄڪلهه پنهنجي ڊرامي جلن ۾ منفي ڪردار سبب سوشل ميڊيا تي خاص خبرن جي زينت بڻيل آهي جنهن تي ان جو اهو به چوڻ هو ته مداح ڪردارن کان وٺي ڪنهن به حال ۾ خوش ناهن ٿيندا.