ڄامشورو ۾ دادو جي پريمي جوڙي پهچي تحفظ لاءِ دانهيو

news

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) دادو جي رھواسڻ پريمي جوڙو تحفظ لاءِ ڄامشورو پريس ڪلب پھچي ويا.

ان موقعي تي ناري مومل ملاح دانهيندي چيو ته منهنجو رشتو منهنجي سڳي سوٽ فياض ملاح کي ڏنل هو ۽ فياض منهنجي هڪ ڀيڻ جو ڏير پڻ آهي پر منهنجو والد لالچ ۾ اچي منهنجي شادي ٻي هنڌ ڪرائي رهيو هو جنهن تي آئون پنهنجي رضا خوشي سان مائٽن جو گهر ڇڏي حيدرآباد سيشن ڪورٽ ۾ فياض ملاح سان قانوني ۽ شرعي طريقي سان شادي ڪئي آهي.

جنهن کانپوءِ ڳوٺ جو وڏيرو، منهنجو والد، چاچو، سئوٽ ۽ ٻيا مڇرجي پيا آهن، جيڪي اسان کي جان کان مارڻ چاهين ٿا ۽ منهنجي مڙس توڙي سندس ڀائرن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ جون پڻ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

پريمي جوڙي آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي دادو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته کين تحفظ ڏنو وڃي.