ٽنڊوڄام لڳ مزدا جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، نوجوان فوت

news

ٽنڊوڄام (رپورٽ: مستنصر علي جمالي) حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي راهوڪي ٿاڻي لڳ تيز رفتار مزدا جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، نوجوان فوت. مزدا ڊرائيور گرفتار. لاش گھر پهچڻ تي قهرام.

خبر موجب ٽنڊوڄام لڳ راهوڪي ٿاڻي وٽ حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي تيز رفتار مزدا موٽرسائيڪل کي ٽڪر هڻي ڪڍيو، جنھن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل تي سوار ٽنڊوڄام لڳ ڳوٺ الله بچايو سولنگي جو رهواسي 26 ورھين جو نوجوان عمران علي سولنگي ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو.

اطلاع ملڻ تي راهوڪي پوليس پهچي فوتي نوجوان جو مڙهه سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو. جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. نوجوان جو لاش گھر پهچڻ تي گهر ۾ قهرام مچي ويو.

جڏھن ته راهوڪي پوليس مزدا کي تحويل ۾ وٺي مزدا ڊرائيور عصمت الله پٺاڻ کي گرفتار ڪري ورتو آھي.