ضرورتمند ملڪن کي ڪورونا ويڪسين ڏيڻ لاءِ تيار آهيون: روس

news

ماسڪو: (آچر 22 نومبر 2020ع) روس جي صدر ولادي مير پيوٽن چيو آهي ته ماسڪو ضرورتمند ملڪن کي پنهنجي ڪورونا وائرس جي ويڪسين اسپوٽنگ ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ منعقد ٿيندڙ جي 20 ملڪن جي ورچوئل سربراهي اجلاس کي خطاب دوران هن چيو ته ڪورونا وائرس معاشي بحران کي جنم ڏنو آهي. هن چيو ته هر هڪ کي موثر ۽ محفوظ ويڪسين ملڻ گهرجي.

روسي صدر ٻڌايو ته اسپوتنگ دنيا جي پهرين رجسٽرد ويڪسين آهي جڏهن ته ٻئي ويڪسين ايپي ويڪ ڪورونا به تيار آهي روس جي صدر چيو ته ٽئين روسي ويڪسين به جلد اچي رهي آهي. سعودي عرب جي ميزباني هيٺ ٿيندڙ جي 20 سربراهي ڪانفرنس ٿي رهي آهي.

15هين جي 20 سربراهي  ڪانفرنس جي شروعات وڊيو لنڪ جي ذريعي ڪيو ويو آهي.  ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ دنيا جي 20 وڏين معيشتن جي سربراهن ڪورونا وائرس جي ويڪسين ۽ دوائن جي مصفانه ورهاست کي يقيني بنائين ۽  هن وبا سان وڙهندڙ غريب ملڪن جي مدد ڪرڻ جو عهد ڪيو آهي.