ٽنڊوڄام: رضاڪارن جي مان ۾ تقريب،خدمتن جي عيوض تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا

news

ٽنڊوڄام(رپورٽ:مستنصر علي جمالي) الخدمت فائونڊيشن ٽنڊوڄام پاران ڪورونا رليف مهم دوران عوام جي خدمت ڪندڙ رضاڪارن جي مان ۾ تقريب منعقد ڪئي ويئي جنھن ۾ الخدمت فائونڊيشن جي رضاڪارن کي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا.

انھيءَ موقعي تي جماعت اسلامي ضلع حيدرآباد جي جنرل سيڪريٽري ظھير الدين شيخ، الخدمت فائونڊيشن جي نائب صدر سليم احمد خان خطاب ڪندي چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا دوران ٽنڊوڄام ۾ الخدمت فائونڊيشن جي رضاڪارن ڏھاڙي دار طبقي جي گهرن ۾ راشن، ڀاڄيون، مالي امداد، دوائون پهچائي عظيم ڪارنامو ڪيو آھي. 

هنن چيو ته حيدرآباد ۾ ڪورونا وبا دوران ڪم ڪرڻ تمام مشڪل هو ۽ ايترو فنڊ نه هجڻ باوجود الخدمت فائونڊيشن عوام جي مدد سان غريبن ۽ مسڪينن جي بنا فرق خدمت ڪئي، هنن چيو ته ڪورونا ڪيسن ۾ ٻيھر اضافو ٿي رھيو آھي، تنهنڪري رضاڪار هڪ دفعو ٻيھر عوام جي خدمت لاءِ تيار رهن.

تقريب کي الخدمت فائونڊيشن ٽنڊوڄام جي سرپرست اعلى حماد علي بهادر، صدر عبدالمجيد انصاري، جنرل سيڪريٽري طاهر اسامه پڻ خطاب ڪيو جڏھن ته ان موقعي تي جماعت اسلامي ٽنڊوڄام جو امير حافظ غيور، سهيل شارق، اعجاز الحق، نصير راجپوت ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.