news
اڏيرولال اسٽيشن

اوڏيرولال: تعلقي مٽياري جي تعليم تي سواليا نشان، ڪيترائي اسڪول مسئلن جو شڪار

اوڏيرولال(رپورٽ:حافظ امتياز علي چنا) تعلقي مٽياري جي ڪيترين ئي يونين ڪائونسلن جي تعليمي ادارن ۾ خاطر خواهه سهولتون نه هجڻ سبب تعليم حاصل ڪندڙ هزارين غريب شاگردن توڙي شاگردياڻين جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو آهي، سرڪاري فنڊن ۾ کڙدبڙد وارو سلسلو جاري هجڻ سبب تعلقي مٽياري جا ڪيترائي سرڪاري اسڪول ڪافي مسئلن جي ور چڙهيل آهن. ان سلسلي ۾ ڳوٺ ميانداد ساهووال جي پرائمري اسڪول جي عمارت زبون هجڻ سان گڏوگڏ ٻين کوڙ سارن مسئلن جي ور چڙهي ويو آهي، ڳوٺ ميانداد ساهووال جي رهواسي حاجي سڌير ساهووال ۽ مولانا محمد حنيف ساهووال ٻڌايو ته سندن ڳوٺ جي اسڪول جي عمارت جا چاپڙ ڪرڻ روز جو معمول بڻيل آهن، جڏهن ته اسڪول جي عمارت جي نئين سر اڏاوت لاءِ 32 لک کان مٿي جي رقم منظور آهي، پر هن وقت تائين عمارت زبون بڻيل آهي.

اوڏيرولال لڳ ڳوٺ محمد ابڙا جي گرلز پرائمري اسڪول ۾ مقرر ٿيل ماسترياڻين پاران اسڪول نه اچڻ سبب اسڪول کي تالا لڳي چڪا آهن، ڳوٺ جي رهواسين رائو فرقان ۽ رائو سردار ٻڌايو ته لڳ ڀڳ ٻن سالن کان مقرر ٿيل ماسترياڻيون اسڪول نٿيون اچن، جڏهن ته اهڙيون شڪايتون به اختيارين کي ڪيون ويون آهن پر ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي.

هوڏانهن ڳوٺ موليڏنو ميرجت جي رهواسين عبدالرزاق ميرجت ۽ ساجن ميرجت ٻڌايو ته سندن اسڪول جي عمارت جا چاچڙ ڪرڻ روز جو معمول بڻيل آهن، جڏهن ته اسڪول جي عمارت لاءِ رقم پڻ جاري ڪئي وئي آهي ۽ ٽي ڀيرا ٽينڊر پڻ ٿيا آهن، پر هن وقت تائين اسڪول جي عمارت جي نيئن سر اڏاوت جو ڪم شروع نه ٿي سگهيو آهي، جنهن ڪري سوين شاگردن جي تعليم داءُ تي لڳي چڪي آهي.

اوڏيرولال لڳ ڳوٺ طاهر هنڱورو جي اسڪول جا چاپڙ ڪرڻ سبب ٻه شاگرد ڪيلاش ۽ آڪاش ميگهواڙ پڻ زخمي ٿي پيا هئا، شاگردن جي زخمي ٿيڻ کان پوءِ والدين پنهنجن ٻارن کي اسڪول وڃڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

ٻئي طرف يوسي عرضي هڪڙا ايٽ نوبت مري جي پرائمري اسڪول ۾ استادن جي کوٽ سبب لڳ ڀڳ 550 پڙهندڙ شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي، اتان جي رهواسي نور محمد هڪڙو ٻڌايو ته اسڪول ۾ صرف 4 ماستر مليل آهن، جيڪي ايترن سارن شاگردن لاءِ ناڪافي آهن، هن ٻڌايو ته استادن جي کوٽ بابت ڊي سي مٽياري سميت تعليم کاتي مٽياري جي اختيارين کان پڻ دانهيون آهي، پر هن مهل تائين ڪوبه کڙ تيل نه نڪري سگهيو آهي، 

اوڏيرولال اسٽيشن لڳ ڳوٺ محرم کوسو جو پرائمري اسڪول پڻ انتهائي زبون حالي جي ور چڙهي ويو آهي، هن اسڪول جي عمارت پڻ زبون ٿي وئي آهي، جنهن ڪري ٻارڙن جون زندگيون خطري کان خالي نه آهن، ڳوٺ جي معزز شخصيت ۽ اڳوڻي ڪائونسلر سجاول کوسو ٻڌايو ته کوڙ ڀيرا اسڪول جي مسئلن بابت اختيارين کي دانهيون آهي پر هن وقت تائين ڪنهن به نوٽيس نه ورتو آهي. 

اوڏيرولال ويجهو ڳوٺ غلام شاهه مري جو پرائمري اسڪول ۾ به استاد مقرر ٿيل نه آهي، جنهن سبب 3 سو شاگردن جون زندگيون تعليم حاصل ڪرڻ کان قاصر آهن، جڏهن ته ڳوٺ جي رهواسي ناظم مري ٻڌايو ته اسڪول ۾ لڳ ڀڳ 300 شاگرد داخل آهن پر استاد نه هجڻ سبب سمورا شاگرد تعليم پرائڻ کان قاصر آهن، ناظم مري وڌيڪ چيو ته استاد جي مقرري لاءِ مٽياري انتظاميا سان رابطو ڪري آگاهي پڻ ڏني وئي آهي، پر هن مهل تائين آفيسرن جي ڪن تي جونءَ به ڪانه سري آهي.

يونين ڪائونسل کنڊو لڳ ڳوٺ محمد صالح چوهاڻ ۾ هڪ سال کان استاد مقرر نه ٿي سگهيا آهن جنهن ڪري سوين شاگردن جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي، ڳوٺاڻن علي حيدر چوهاڻ ۽ محمد رفيق چوهاڻ ٻڌايو آهي اسڪول ۾ استادن جي کوٽ بابت ڊي سي مٽياري ۽ وسوارن کي مسلسل اطلاع ڪندا رهيا آهيون، پر هن وقت تائين استاد مقرر نه ٿي سگهيا آهن، جنهن سبب سوين شاگردن جي تعليم داءُ تي لڳل آهي. 

اوڏيرولال اسٽيشن لڳ تارا ڀيل جو اسڪول پڻ بند پيو آهي، ڳوٺ گامون مير جت جي اسڪول جي عمارت پڻ زبون بڻيل آهي، ڳوٺ الهه بچايو کوسو اسڪول جي عمارت ناڪاره هجڻ سبب اسڪول کي بند ڪيو ويو آهي، ڳوٺ حق نواز ميرجت جو اسڪول استادن جي سخت کوٽ آهي، جنهن سبب ٻارڙا تعليم حاصل نٿا ڪري سگهن، ڳوٺ وهاب شاهه جي اسڪول جي عمارت پڻ زبون حال بڻيل آهي، جتي پڻ چاپڙ ڪرڻ روز جو معمول بڻيل آهن، يوسي پليجاڻي اسٽيشن جو خادم بروهي ڳوٺ ۾ ٽن سالن کان استاد مقرر نه ڪيا ويا آهن، ان کان علاوه ٻيا به ڪيترائي اسڪول آهن جيڪي انيڪ مسئلن جي ور چڙهيل آهي، ان کان علاوه تعلقي مٽياري جي ٻين ڪيترين يونين ڪائونسلن جا اسڪول فرنيچر، استادن جي کوٽ ۽ زبون حال عمارت جي ور چڙهيل آهن.

مٿي ذڪر ڪيل اسڪولن جي مسئلن کي سامهون رکندي سنڌ حڪومت پاران تعليم بابت لڳايل ايمرجنسي جي پت وائکي ٿي وڃي ٿي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي پرزور گذارش آهي ته فوري طور تي تعلقي مٽياري جي سمورن بند پيل اسڪول توڙي استادن ۽ فرنيچر کي ايمرجنسي بنيادن تي حل ڪري تعلقي جي هزارين غريب شاگردن جي تعليم کي تباهه ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ تڪڙا ۽ اثرائتا اپاءُ وٺي