ساس ٽنڊو محمد خان پاران سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ احتجاج

news

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: ذوالفقار چانڊيو) سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي سڏ تي ساس ٽنڊو محمد خان پاران ضلعي رابطا سيڪريٽري اعظم ڀٽي، شاخ ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري آغا جان آغا، رفيق آس لغاري، گل خاصخيلي، نثار احمد ناز، ڊاڪٽر جمال ناصر سولنگي، اعجاز جسڪاڻي، مختيار نظاماڻي، حفيظ سٺيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اديبن، دانشورن، شاعرن ۽ سماجي ڪارڪنن قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف واري اسٽينڊنگ ڪاميٽي  پاران سنڌي ٻوليءَ سميت ستن ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ وارو بل  رد ڪرڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي.

مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو تہ سڄي دنيا ۾ ٻولين کي خاص اهميت حاصل آهي، سنڌي ٻولي سميت ٻيون ٻوليون موهن جو دڙو، ٽيڪسيلا، گنڌارا، هڙاپا ۽ قديم تهذيب واريون ٻوليون آهن، جيڪي قومي تاريخ جو حصو ۽ ورثو محفوظ رکن ٿيون، جن کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي.

هنن چيو تہ اهڙي تاريخي اهميت واري بل جي حمايت ڪرڻ تي نواز ليگ جي ايم اين اي کيئلداس ڪوهستاني، پي ٽي آءِ جي لال مالهي، پ پ جي نفيسا شاهه ۽ طارق شاهه کي جس آهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي ڪشور زھره سميت نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ جي غير سنڌي ميمبرن شائونسٽ سوچ جو مظاهرو ڪندي بل کي رد ڪيو آهي.

سنڌي ادبي سنگت اهڙي عمل تي سخت احتجاج ڪندي پوري سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هي احتجاج ان سلسلي جي ڪڙي آهي، اسان پنهنجي قومي وجود سان سلهاڙيل انهيءّ سازش کي اجتماعي ٻڌي ۽ طاقت سان ناڪام بڻائينداسين.

هنن چيو ته ملڪ جي قيام کان وٺي نفرتن جو ٻج ڇٽي قومي يڪجهتي کي نقصان پهچايو ويو آهي، ملڪ جا بانيڪار به اهڙي شائونسٽ سوچ جا سخت مخالف هئا، جنهن ۾ قومن ۽ ٻولين جي ترقيءَ جي مخالفت شامل هجي، اسٽينڊنگ ڪاميٽي کي اهڙو ڪو به اختيار ناهي، اهڙن حساس قومي مامرن کي نفرتن جي حوالي ڪري، سنڌي ادبي سنگت جو اصولي موقف آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي جيڪڏهن  ڀارت ۾ قومي ٻوليءَ جو درجو ملي سگهي ٿو تہ پاڪستان ۾ ڪهڙي بنياد تي ان جي مخالفت ڪئي وڃي ٿي.

سنڌي ادبي سنگت انهيءَ عمل جي خلاف احتجاجي تحريڪ سان گڏ چونڊيل نمائندن، باشعور ماڻهن، دانشورن، اديبن ۽ ليکڪن سان ملاقاتون ڪري پنهنجو ڀرپور  احتجاج  رڪارڊ ڪرائيندي رهندي، جيستائين انهن سڀني ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو نٿو ڏنو وڃي.