اسرائيلي جنگي جهازن جي غزه پٽي مٿان بمباري

news

تل ابيب: اسرائيل جي جنگي جهازن غزه جي پٽي تي بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي عمارتون تباهه ٿي ويون.

عالمي خابرو اداري موجب اسرائيلي فوج جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته غزه جي علائقي مان اسرائيلي سرزمين تي فائر ڪيل راڪيٽ جي جواب ۾ حماس جي ٺڪاڻن تي هوائي بمباري ۽ هٿيارن جي ڊيپو کي تباهه ڪيو ويو.

فلسطيني اختيارين ميڊيا کي ٻڌايو ته اسرائيل فوج غزه جي پٽي تي خان يونس جي علائقي ۾ ميزائل فائر ڪيا جيڪي گهڻو ڪري هڪ ٻني ۾ ڪريا جڏهن ته ڪجهه عمارتن کي به نقصان مليو جڏهن ته خوش قسمتيءَ سان ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.

ٻئي طرف حماس اسرائيلي فوج جي دعويٰ کي رد ڪندي چيو آهي ته غزه کان ڪو به راڪيٽ غزه ڏانهن فائر نه ڪيو ويو آهي، اسرائيل جارحيت جو مظاهرو ڪيو آهي جنهنجو جواب کيس ملي ويندو.

ياد رهي ته آمريڪا طرفان اسرائيل کي تسليم ڪرڻ ۽ ڪجهه عرب ملڪن پاران اسرائيل سان سفارتي ۽ واپاري لاڳاپا بحال ڪرڻ کانپوءِ خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيو آهي.