افغانستان جي راڄڌاني ڪابل تي راڪيٽ حملا، اٺ ڄڻا اجل جو شڪار، ڪيترائي زخمي

news

ڪابل: افغانستان جي راڄڌاني ڪابل ۾ 23 راڪيٽ حملا ڪيا ويا جنهنجي نتيجي ۾ 8 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿيا.

افغان ميڊيا موجب ڇنڇر جي صبح جو ڪابل ۾ 2 آءِ اي ڊي ڌماڪا ٿيا جنهن جي تقريبن هڪ ڪلاڪ بعد شهر جي ٻن طرفن کان راڪيٽن جي برسات شروع ڪري ڏني وئي.

افغان گهرو وزارت شهر جي مختلف علائقن تي 23 راڪيٽ حملن جي تصديق ڪئي آهي جنهن ۾ مارڪيٽن ۽ رهائشي علائقن تي به راڪيٽ فائر ڪيا ويا جڏهن ته هڪ راڪيٽ ڪابل ۾ موجود ايراني سفارتخاني جي ڪمائونڊ ۾ به ڪريو جنهن ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو.

افغان ميڊيا جو چوڻ آهي ته راڪيٽ حملن جي نتيجي ۾ هن وقت تائين 8 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي جڏهن ته ڪيترائي زخمي به ٿيا جن کي شاهراهه نيو ايريا جي ايمرجنسي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته افغا ميڊيا، موجب اسپتال جي ذريعن راڪيٽ حملن ۾ 30 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.

افغان ميڊيا موجب طالبان راڪيٽ حملن ۾ ملوث هجڻ جي ترديد ڪئي آهي.