شادي لارج لڳ روڊ پار ڪندڙ ڏهن ورهين جو نينگر تيز رفتار ٽينڪر جي ٽڪر ۾ فوت

news

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) شادي لارج لڳ روڊ پار ڪندڙ 10 سالن جي نينگر کي تيز رفتار ٽينڪر چيڀاٽي ماري ڇڏيو.

خبر موجب شادي لارج لڳ ٿر ڪول باءِ پاس روڊ تي روڊ پار ڪندڙ ڳوٺ جت موڙ جو رهواسي 10 سالن جي نينگر گل محمد پٽ صديق چانڊيو کي تيز رفتار ٽينڪر چيڀاٽي ماري ڇڏيو.

جنهن جي لاش کي رورل هيلٿ سينٽر کوسڪي منتقل ڪري ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. معصوم جو چچريل لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو.

جڏهن ته پوليس حادثي جي ذميوار ٽينڪر ڊرائيور ابراهيم نهڙي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.