ڪاميڊين ڀارتي سنگهه اين سي بي هٿان گرفتار

news

ممبئي: بالي ووڊ نگري ۾ منشيات جي مبينا استعمال جي جاچ ۾ ڀارت جي نارڪوٽيڪس ڪنٽرول بيورو(اين سي بي ) مشهور ڪاميڊين ڀارتي سنگهه ۽ سندس مڙس هرش لمباچيا کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

هڪ جاچ آفيسر جو چوڻ هو ته ڀارتي سنگهه ۽ سندس مڙس کي منشيات رکڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته هڪ ٻئي اين سي بي آفيسر جو چوڻ هو ته هڪ منشيات وڪرو ڪندڙ ڀارتي سنگهه جو نالو کنيو هو ان ڪرصي ان کي پڪڙيو ويو آهي.

ياد رهي ته ڀارتي اداڪار سشانت سنگهه راجپوت جي جون جي مهيني ۾ موت بعد بالي ووڊ ۾ منشيات جي استعمال خلاف جاچ جو دائرو وسيع ڪيو ويو هو.