تبديلي سرڪار جنوري تائين مهمان آهي، ان کي گهر وڃڻو پوندو: بلاول ڀٽو

news

پشاور: پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو حڪومت جي وڃڻ جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته جنوري حڪومت جو آخري مهينو آهي، ان کي گهر وڃڻو ئي پوندو.

پشاور ۾ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته حڪومت جي وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي، هاڻ پاڪستان جي عوام فيصلو ڪندو ته هن ملڪ ۾ ڪنهن جي حڪمراني هلندي.

بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته سليڪٽڊ جو ٻوجهه عام ماڻهو کڻي رهيو آهي، پهرين اٽو، کنڊ ۽ تيل جو بحران هو، هاڻ گئس جو بحران به پيدا ٿيندو، انهن حڪمرانن جي ڪري اٽو، کنڊ، گيهه، پيٽرول، گيس ۽ پٽاٽا مهانگا ٿيا، موجوده حڪومت ۾ ماڻهو ڪڪڙ ته ڇا بيضو به خريد نٿا ڪري سگهن.

پيپلزپارٽي جي چيئرمين جو چوڻ هو ته سوات ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ پاڪستان جو پرچم جمهوريت جي ڪري ڦڙڪي رهيو آهي، سڄي خيبرپختونخوا جو مطالبو آهي ته گو عمران گو، خيبرپختونخوا جا حڪمران هتي جي ماڻهن جا نه پر سليڪٽرز جا نمائندا آهن.

هن جو چوڻ هو ته اسان جي جلسي کي روڪڻ لاءِ انهن کي ڪورونا ياد اچي ٿي، اهي حڪمران ڪرپشن جي خلاف سڀ کان وڌيڪ رڙيون ڪندا هئا پر اهي سڀ کان وڌيڪ ڪرپٽ نڪتا، سياستدانن، ججن ۽ جرنيلن جي لاءِ هڪ قانون ٿيڻ تائين ڪرپشن ختم نٿي ٿي سگهي.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته قومي احتساب بيورو (نيب) کي نظر نٿو اچي ته مالم جبه ۾ ڪيئن ڪرپشن ڪئي وئي؟ نيب کي نظر نٿو اچي ته سلائي مشينن سان نيويارڪ ۾ عمارتون ڪيئن بيهاريون ويون، حساب جو وقت آيو ته عوام حساب وٺندو، نيب کان به حساب وٺندو.